ڊاڪٽرعلي احمد قاضي

ڊاڪٽرعلي احمد قاضي

علي احمد قاضي ڊاڪٽر

علي احمد قاضي، ڊاڪٽر: نامور ترجمي نگار ۽ ليکڪ علي احمد قاضيءَ، 3 سيپٽمبر 1897ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ضلعي دادو جي شهر ’پاٽ‘ جي مشهور قاضي خاندان سان هو ۽ نامياري عالم ۽ فيلسوف علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو ڀاڻيجو هو. هن مذهبي تعليم سان گڏ سنڌي ۽ انگريزي تعليم به حاصل ڪئي. نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ مان 1915ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هوشياريءَ سبب اسڪالرشپ سان پڙهيو ۽ مـيـڊيڪـل سـروس اخـتيـار ڪـيائيـن. 1928ع ۾ ڪلاس ون آفيسر مقرر ٿيـو. پهريان پوليس سرجن ڪراچي ۽ بعد ۾ ميڊيڪل آفيس سينٽر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هيلٿ سروس سنڌ مقرر ٿيو. آخر ۾ ترقي ڪندو 1953ع ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز سنڌ مقرر ٿيو، جتان اپريل 1955ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ مستقل طور ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن نهايت خاموشيءَ سان سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. سنڌي زبان ۾ سندس لکيل شاهڪار لکڻيون تاريخي حيثيت رکن ٿيون. ڊاڪٽر علي احمد قاضي صحت نفسيات ۽ فلسفي تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جيڪي ان وقت سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي رسالن، اخبارن ۾ مسلسل شايع ٿيندا رهيا. هن گهڻو تڻو تحقيقي ڪم نفسيات تي ڪيو ۽ سندس پسنديده مضمون به اهو ئي هو. پاڻ ‘سنڌي ادبي سوسائٽي’ ڪراچيءَ جو نائب صدر به رهيو. ڊاڪٽر علي احمد قاضي جا ’جنرل سائنس‘ جا ٻه ڪتاب انگريزي نائين ڏهين درجي جي شاگردن جي مطالعي لاءِ پاڪستان سرڪار طرفان مقرر ڪيا ويا هئا، جن ٻنهي جنرل سائنس جي ڪتابن جو بورڊ آف سيڪنڊري اينڊ انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن حيدرآباد جي نگرانيءَ هيٺ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. سندس ٽي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايا. ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي لکيل ڪتابن ۾ ‘علم بدن’ (ٻيو ڇاپو 1933ع)، ‘تندرستي '>تن ۽ تندرستي ’ (1957ع: سنڌي ادبي بورڊ)، ‘جنرل سائنس’ (1965ع: پهريون ڇاپو ادبي بورڊ طرفان)، ‘نفسيات’ (1969ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان)، ‘دائپو’ ۽ ‘حيات النبي’ قابل ذڪر آهن.
ڊاڪٽر علي احمد قاضي 27 جنوري 1970ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.09.03  عيسوي

ڊاڪٽر: نامور ترجمي نگار ۽ ليکڪ علي احمد قاضيءَ، 3 سيپٽمبر 1897ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1970.01.27  عيسوي

ڊاڪٽر علي احمد قاضي 27 جنوري 1970ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راوت رڻمل راٺوڙ
پاپائيت
ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي
صديقي نذير احمد پروفيسر
راشدي سليم
عبدالغفور خطاط
سلطان محمود خان بکري
رئيس نبي بخش خان گبول
سيد تقي شاهه حنفي
نوشاد احمد شيخ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون